ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ زال ۽ 3 ٻارن جي قتل ۾ مڙس مبينا طور تي ملوث هو.پوليس موجب سسر جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار منشيات جو عادی آهي ۽ سندس بيانن ۾ تضاد آهي.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مڙس زال ۽ ٻارن کي ننڊ دوران قتل ڪيو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پٽ منشيات جو عادی هو.پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتاري کانپوءِ جوابدار پنهنجا بيان تبديل ڪري رهيو آهي ۽ هو 5 سالن کان ڪرسٽل کي منشيات ڏئي رهيو آهي.پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان قتل جو هٿيار هٿ نه آيو آهي پر ڳولا جاري آهي.










