وڏي وزير جو اسپتال جو دورو، مريضن جي وارثن جون دانهون

وڏي وزير جو اسپتال جو دورو، مريضن جي وارثن جون دانهون

حيدرآباد (ن س) نگران وڏي وزير جي اسپتال جي دوري دوران مريض ٻارڙِي جي وارث جو احتجاج، حيدرآباد ۾ نگران وڏي وزير جي سول اسپتال جي دوري دوران مريض ٻارڙِي جي وارث احتجاج ڪيو،احتجاج ڪندڙ شخص چيو ته سول اسپتال ۾ نگران وڏي وزير جي پروٽوڪول سبب مريض توڙي سندن وارث پريشان آهي،هن چيو ته نياڻي کي کڻي آيو آهيان، نگران وڏي وزير جي پروٽوڪول سبب سندس علاج شروع ناهي ٿيو،وڊيو ۾ احتجاج ڪندڙ شخص چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ته مريضن جو علاج نٿو ڪيو وڃي، نگران وڏي وزير هن معاملي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي

پهنجو تبصرو موڪليو