جماعت اسلامي پاران سکر  کان چونڊ مُهم شروع ڪرڻ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران سکر کان چونڊ مُهم شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران اڱارو28 نومبر تي سراج الحق جي صدارت هيٺ انتخابي ڪنونشن ذريعي سنڌ ۾ چونڊ مُهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صوبائي ترجمان مجاهد چنا جي پڌرائي موجب اڱاري تي صبح جو سکر جي مقامي هال ۾ شروع ٿيندڙ ڪنونشن کي مرڪزي امير سراج الحق، نائب امير لياقت بلوچ، اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، ممتاز حسين سهتو سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا جڏهن ته اُتر سنڌ جي ضلعن مان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا مرد توڙي عورت اُميدوار پڻ شرڪت ڪندا. هوڏانهن صوبائي ناظم انتخاب ايڊوڪيٽ ممتاز حسين سهتو اپر سنڌ جي ضلعن جو دورو، انتخابي ڪميٽين سان صلاح مشوري بعد اُميدوارن جي فائنل لسٽ تيار ڪري ورتي آهي جڏهن ته سکر جي ضلعي امير ۽ ناظم اجتماع مولانا حزب الله جکرو سان گڏجي انتخابي ڪنونشن سيٽنٽر جو دورو ڪري انتظامن کي آخري شڪل ڏني.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو