ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر واٽر لياري ٽائون واٽر ڪارپوريشن فرزند علي لاکو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي وڇوڙي کي سوڳوار خاندان لاء نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر ۽ ملازم مرحوم جي سموري ڪٽنب سان برابر جا شريڪ آهن، الله تبارڪ تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ مرحوم جي سمورن سوڳوار پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين










