شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند راشد منهاس روڊ تي واقع شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ڪراچي جي شاپنگ مال ۾ 11 ڄڻن جون حياتيون کسيندڙ باهه ڪيئن لڳي، عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڇو نه ڪڍيو ويو؟ قيمتي جانين جي نقصان جو ذميوار ڪير؟ هاڻي انهن سمورن سوالن جا جواب ڪميٽي جاچ کانپوءِ ڏيندي. چيف فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته جنريٽر مان باهه پکڙجڻ جي خبر درست ناهي، ڇنڇر جي صبح جڏهن باهه لڳي ته شاپنگ سينٽر جي چوٿين فلور تي ئي بجلي استعمال ٿي رهي هئي جتي نرم هائوس ۽ ڪال سينٽر موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو