ڪرمپور (ن س )ڪرمپور ڀرسان چولياڻي ۽ گاڏهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان 4 ڄڻا مارجي ويا آهن،شريف لاڙي وٽ گاڏهي برادري ۽ چولياڻي برادري جي هٿياربندن هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني،گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ گاڏهي برادري جا چار ڄڻا موقعي تي مارجي ويا واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺڻ لاءِ رواني ٿي آهي










