ايپڪااحتجاج،ڊائريڪٽر،ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليج کي هٽائڻ جومطالبو

ايپڪااحتجاج،ڊائريڪٽر،ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليج کي هٽائڻ جومطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايپڪا پاڪستان شهيد ساقي سنڌ ڪراچي ڊويزن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.احتجاج ۾ صدر عابد چانڊيو،سينيئر نائب صدر احسان مگسي،نائب صدر اعجاز علي ڀٽو،ڪراچي ڊيزن صدر عبدالغفور عباسي،طاهر بنگش،ڪامران علي،مقبول کوکر ، محمد قاسم خان، فيض منڱريو سميت ٻين شرڪت ڪئي،اڳواڻ احتجاج ڪندي چيو ته ڪراچي ڊويزن جي ريجنل ڊائريڪٽرز پروفيسر محمد سليمان سيال ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر شهباز شاهاڻي خلاف ڪيو ويو،هنن چيو ته ملازمن سان هي زيادتيون ڪري رهيا آهن،هو هڪ ٽرانفسر لاءِ پئسا وٺي رهيا آهن،ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪرپشن جو مرڪرز بڻجي ويو آهي،هڪ ٽرانسفر 15 هزار کان 30 ورتا وڃنن ٿا،آفيسرن ۾ گورنمينٽ ڊگري گرلس ڪاليج خاتونِ پاڪستان ۾ ڊائريڪٽر جي آشيرواد سان ڊپٽي ڊائريڪٽر گرلز هاسٽل جا تالا ٽوڙي رهائش اختيار ڪري ورتي ان ڀرسان نياڻين جي لائبريري آهي جتي نياڻين شديد مشڪلاتن سان تعليم حاصل ڪري رهيو آهن،هن چيوته انهن ڪاليج رهائشي واري سائيڊ ٻاهرين ماڻهن جي اچ وڃ سبب نياڻيون مشلڪلاتن کي منهن ڏين پيون،اعليٰ عملدارن کي اپيل آهي ته ان جو نوٽيس وٺن،صوبائي صدر عابد حسين چيو ته هن معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ڪري لاڳاپيل عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،ايپڪا جو احتجاج پوري سنڌ ۾ جاري آهن احسان مگسي چيو ته جبري بدلين ۽ ڌمڪين ڏنيون پيو وڃن، ريجنل ڊائريڪٽر آف ڪاليج ايجوڪيشن ڪراچي نانصافيون ڪري رهيو آهي. ڪاليجن جي ڪوارٽرن تي غيرقانوني قبضا ۽ پوسٽنگ تي رشوت مافيا جي خلاف ڪاروائي وڃي. اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري گهرن ۽ بنگلن ۾ رهائش باوجود 5 سيڪڙو اضافي ڪٽوتيءَ نه ڪرائڻ خلاف ڪاروائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو