فارماسسٽ الائيڊ سائنسز جا مکيه جزو آهن :امجد سراج ميمڻ

فارماسسٽ الائيڊ سائنسز جا مکيه جزو آهن :امجد سراج ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف فارماسيوٽيڪل سائنسز (IPS-JSMU) پاران ٻيو سالياني ڪيريئر فيئر منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ مختلف فارماسيوٽيڪل انڊسٽريز، ھاسپيٽل فارميسيز ۽ ڪميونٽي فارميسيز شرڪت ڪئي ۽ جي ايس ايم يو جي فارميسي وارن شاگردن ۾ دلچسپي ڏيکاري. نمايان نالن ۾ اين آئي سي وي ڊي، نبي قاسم فارماٽيڪ، افروز ڪيميڪل، مرشد اسپتال، انڊس اسپتال، شي فارميسي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ۽ الخدمت اسپتال شامل آهن. ڪيريئر فيئر شاگردن ۽ ڪمپنين لاءِ نيٽ ورڪ ۽ پيشي وراڻا رشتا قائم ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم فراهم ڪيو. ٽئين ۽ چوٿين سال جي شاگردن کي انٽرنشپ جا موقعا ڏنا ويا جڏهن ته آخري سال جي شاگردن کي نوڪري جا موقعا ڏنا ويا. ايونٽ شرڪت ڪندڙ ڪمپنين کي نئين ٽئلينٽ سان ڳنڍڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪيو. ڪيريئر فيئر جو دورو ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۾ دلچسپي وٺڻ تي سمورن صنعتن ۽ فارميسيز جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته شاگردن جو مستقبل اسان جي ذميواري آهي. شاگردن کي هر ممڪن ڪوشش سان گڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا سين. رجسٽرار جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر اعظم خان انسٽيٽيوٽ جي پرنسپال پروفيسر هما علي ۽ ڪيريئر فيئر آرگنائيزر پروفيسر ڪرن رفيق جي ڪوششن کي ساراهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو