يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگرد  جو لاش هٿ

يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگرد جو لاش هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ناردرن بائي پاس واري علائقي ۾ يونيورسٽي هاسٽل مان شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته هاسٽل مان هٿ آيل شاگرد جو لاش 2 کان 3 ڏينهن پراڻو آهي، مارجي ويل شاگرد جي سڃاڻپ امن ڪمار طور ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد ڪمپيوٽر سائنس جي ٽئين سال ۾ پڙهندو هو، موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف هاسٽل انچارج عابد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مارجي ويل امان ڪمار جو تعلق شهداد ڪوٽ سان هو. مقتول جي چاچي راجڪمار جو چوڻ آهي ته امان ڪمار 2 مهينن کان هاسٽل جي ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هو، مقتول نوجوان 3 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو.راجڪمار اهو به چيو آهي ته ڊاڪٽر جي شروعاتي جاچ موجب امان ڪمار جو موت قدرتي سبب ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو