زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ۽ ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ساره موني ملاقات ڪئي آهي. جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقات دوران اڳوڻي صدر شاهه چارلس جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پيغام ڏنو. جڏهن ته آصف علي زرداري ڊيوڊ ڪيمرون جي پرڏيهي وزير بنجڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.آصف زرداري ملاقات دوران غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي خاتمي لاءِ برطانيه سان مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جڏهن ته ملاقات ۾ اڳوڻي صدر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو