فوتي ملازمن جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، مغفرت لاءِ دعا

فوتي ملازمن جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، مغفرت لاءِ دعا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آر آر جي واٽر ڪارپوريشن سيد عمران اقبال زيدي پاران بلاڪ اي ڪارساز ۾ ملازمت دوران فوت ٿيل آفيسرن ۽ ملازمن جي ياد ۾ ھڪ تعزيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب تعزيتي پروگرام ۾ واٽر ڪارپوريشن جي مختلف ڊويزنن سان تعلق رکندڙ آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تعزيتي پروگرام ويجهڙائي ۾ وفات ڪندڙن ڊائريڪٽر ٽيڪس واٽر ڪارپوريشن مرحوم عزيز الله مگسي ۽ ڊائريڪٽر پلاننگ واٽر ڪارپوريشن عبدالجبار شيخ جي والد مرحوم رسول بخش شيخ جي ياد ۾ رکيو ويو جنهن ۾ مرحومين جي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني، دعاء مغفرت ۽ ٽيھجي جو اھتمام ڪيو ويو، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ ملازمن پاران وفات ڪندڙن جي پونيئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مرحومين جي مغفرت لاءِ دعائون پڻ گهري وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو