تعليمي سال 15 اپريل کان شروع ٿيندو، موڪلن وارو شيڊيول  برقرار

تعليمي سال 15 اپريل کان شروع ٿيندو، موڪلن وارو شيڊيول برقرار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال پندرنهن اپريل کان شروع ٿيندو جڏهن ته سياري ۽ گرمين جي موڪلن جو پراڻو شيڊيول برقرار رهندو.تليم کاتي جي ترجمان موجب، تعليم واري نگران وزير رعنا حسين جي صدارت هيٺ اسٽيرنگ ڪميٽي جي ماتحت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ اسڪولن جو نئون تعليمي سال پندرنهن اپريل ۽ ڪاليجن ۾ نئون سال پهرين آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، سياري ۽ گرمين جي موڪلن جو پراڻو شيڊيول برقرار رکيو ويو آهي ۽ ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرين هفتي جڏهن ته انٽرميڊئيٽ جا امتحان مئي جي آخري هفتي کان شروع ٿيندا. ترجمان موجب، ميٽرڪ جي نتيجن جو اعلان 31 جولاءِ ۽ انٽر جا نتيجا آگسٽ جي ٻئي هفتي تائين پڌرا ڪيا ويندا جڏهن ته گرمين جي موڪلن ۾ استادن لاءِ 15 ڏينهن جو تربيتي سيشن ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو