حيدرآباد (ن س) پورهيت انقلابي نظرئي جي روشني ۾ تعليمي ۽ تحقيقي ڳالهين سان گڏ قومي ۽ انقلابي گيتن جي گونجار سان عوامي تحريڪ جو تعليمي تربيتي ورڪشاپ حيدرآباد ويجهو ڳوٺ پٻڻ شريف ۾ شروع. ورڪشاپ جي پھرين ڏينهن تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا سوين ڪارڪن شريڪ. مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد عظيم ليبر قانون جي موضوع، نامور سماجي اڳواڻ سرور باري “پاڪستان ۾ اليڪشن”، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح ميڊيا جو اثرائتو استعمال، سنڌ يونيورسٽي ۾ فلسفي جي پروفيسر نويد سنديلي”جديد فلسفي جي تاريخ“، عطاء اللہ انڙ ”اسان جي ڌرتي“ ۽ رضا دل ”فلڪياتي جسمن جا فاصلا ۽ انھن جو دوربين ذريعي مشاھدو” جي موضوعن تي ليڪچر ڏنا. ان موقعي تي ليڪچر ڏيندي ڊاڪٽر سعيد عظيم چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ملٽي نيشنل ڪمپنين پنهنجون نجي نام نهاد ڪورٽون قائم ڪري ڇڏيون آهن، اهي ڪمپنيون انهن ڪورٽن جو ناجائز فائدو وٺي رهيون آهن. ڪمپنيون ملڪي قانونن تحت مزدورن کي حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هن چيو ته مزدورن زبردست سياسي جدوجهدن ذريعي جيڪي حق حاصل ڪيا، انهن کي ليبر قانون چئجي ٿو. سرور باري چيو ته اسٽيبلشمينٽ جنھن کي چاھي ٿي ان کي اليڪشن کٽرائي ٿي. جيستائين موجودہ اليڪشني نظام آھي تيستائين پورھيت طبقي جون پارٽيون پارليامينٽ ۾ نٿيون پھچي سگھن. اليڪشني نظام ۾ تبديلي جي ضرورت آھي. ھن چيو تہ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻھو ووٽ نٿا ڏين. جيڪي ووٽ ڏين ٿا تن کان بھ زوري ووٽ ورتو وڃي ٿو. ماڻھو رضا خوشي سان پنھنجي نمائندي کي ووٽ نٿا ڏئي سگھن. ڪاشف ملاح چيو ته انقلاب دشمن قوتن سدائين پورهيت طبقي خلاف پروپيگينڊا ڪئي آهي. اسٽالن خلاف ڪوڙي پروپيگينڊا ڪري آمريڪي سامراج سويت يونين کي ٽوڙيو هو. اسٽالن خلاف پروپيگينڊا ڪري گورباچوف جهڙن سامراجي ايجنٽن لاءِ سوويت تي حڪمراني جو ماحول ٺاهيو ويو. جيڪڏهن اسٽالن خلاف پروپيگنڊا نه ٿئي هان ته گورباچوف اهڙي تباهي نه ڪري سگهي هان جهڙي هن ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته رسول بخش پليجي صاحب ڪتاب سندي ذات هنجن ۾ عوام دشمن قوتن جي پروپيگينڊا کي وائکو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي معاهدي ۾ مٺي ٻوليءَ ۾ سنڌي عوام خلاف ڪيل سازش کي پليجي صاحب ڪتاب پائي ڪان ڪمان ۾ عوام اڳيان وائکو ڪيو. نويد سنديلي چيو ته اسان وٽ فلسفي کي عوام کان پري رکيو ويو آهي. ضيائي مارشل لا دوران فلسفي تي پابندي مڙهي وئي. ضيائي مارشل لا کان اڳ سنڌ جي ڪاليجن ۾ به فلسفو پڙهايو ويندو هو. هن چيو ته اسان وٽ اڃا تائين جبر جي حڪمراني آهي ۽ تاريخي طور انسان ذات جدوجهدن ذريعي جبر کي ٽوڙيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سائنس ۽ فلسفو هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. سائنس جي بنيادي ڄاڻ کانسواءِ فلسفو سمجھ ۾ نه ايندو ۽ سائنس جتي کٽي پوندي آهي ته فلسفي کان مدد وٺندي آهي. عطا الله انڙ چيو ته يوناني ڏاھي ارسطو 340 قبل مسيح ڌاري ٻڌايو تھ ڌرتي پليٽ وانگر تراکڙي نھ پر بال وانگر گول آھي. ڪائنات اٽڪل 13 ارب 70 ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آئي. ڌرتي پنھنجي محور تي 27.8 ڪلوميٽر في منٽ جي رفتار سان ڦري ٿي، جنھن سان ڏينھن رات ٿين ٿا. رضا دل چيو ته ٽيلي اسڪوپ جا بنيادي طور تي ٻھ قسم آھن، ھڪ آھي گيليسلئين ريفريڪٽر ٽيلي اسڪوپ ٻيو آھي نيوٽونيئن ريفليڪٽر نيل اسڪوپ. خلاءِ جا فاصلا ڪلو ميٽر ميلن ۾ ماپڻ ڏکيا آھن ان لاءِ روشني جي رفتار جي ضرورت آھي. ھي صدي سائنس جي صدي آھي جلد ئي انسان ذات اھا ڪاميابي بھ حاصل ڪري وٺندي.










