نواز 4 ڏينهن جيل وڃي ها ته سندس سياسي قد وڌي وڃي ها

نواز 4 ڏينهن جيل وڃي ها ته سندس سياسي قد وڌي وڃي ها

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته جيل وڃڻ سان سياستدانن جو قد وڌي ويندو آهي، جيڪڏهن نواز شريف 4 ڏينهن جيل وڃي ها ته سندس سياسي قد وڌي ها.خورشيد شاهه پنهنجي تازي بيان ۾ مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ترقي جي دعويٰ ڪندڙن موٽر وي ٺاهڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. وزيراعظم هائوس اڄ به انهن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي اڳ ۾ هئا.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي زبردستي اقتدار ۾ آندو ويو ته ملڪ کي نقصان پهچندو.خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ ووٽنگ دوران ڪنهن جي به مداخلت ناهي.هن چيو ته 2024ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن بابت هن چيو ته سياسي پارٽين جو استحقاق آهي ته اهي الڳ الڳ چونڊون وڙهڻ يا اتحاد ڪري چونڊون وڙهن.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسان پيپلز پارٽي الزام تراشي جي سياست نٿا ڪريون، اسان عوام آڏو جوابده آهيون، نگران حڪومت چوي ٿي ته فلسطين مسئلي تي ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، نگران حڪومت کي فلسطين مسئلي تي آواز اٿارڻ گهرجي.خورشيد شاهه اهو به چيو آهي ته فلسطين جي صورتحال تي مسلمانن جي لاچاري نظر اچي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو