جي ڊي اي اڳواڻن جي پليجو سان ملاقات، جلسي جي مبارڪباد

جي ڊي اي اڳواڻن جي پليجو سان ملاقات، جلسي جي مبارڪباد

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي ۽ ناهيد خان حيدرآباد ۾ قاسم آباد پرنس ٽائون ۾ سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ، سنڌ ۽ موجوده عالمي صورتحال جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين، ڪرپٽ حڪمران دولت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن.پيپلز پارٽي ۽ وفاق سنڌ جي غربت ۽ تباهي کان لاتعلق آهن. سنڌ جا ادارا تباھ آھن، ڳوٺ فقير ۽ شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سمورن ڪرپٽ آفيسرن، وزيرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. ادارا ۽ عدليا سنڌ جي ڪرپشن ۽ تباهي کان لاتعلق آهن، ڊجيٽل مردم شماري رد ڪريون ٿا. سنڌ جعلسازي ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان چيو تہ اسين قومي عوامي تحريڪ کي 8 آڪٽوبر تي ڪامياب جلسه عام تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي. 2018 جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي، اسين ملڪ ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا. نگران حڪومت جي نالي تي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جاري آهي، سنڌ ۾ پاڻي، ميونسپل ۽ ڊرينيج جا سمورا ادارا ناڪام ٿي ويا آهن. ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان چيو تہ سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن خلاف گڏجي وڙهندا. عدالتن کي گهرجي تہ سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ لٽ مار جو حساب وٺن، جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي. 2018 جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو