زمينن تي قبضا ڪري سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ قبول ناهي

زمينن تي قبضا ڪري سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ قبول ناهي

حيدر آباد(ن س)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ قادر ڀٽي پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته رهائشي منصوبن، زرعي انقلاب ۽ فارمنگ، فشنگ منصوبن جي آڙ ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. جوائنٽ وينچر پراجيڪٽس ۾ سنڌ جي 43 هزار 608 ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ انتھائي خطرناڪ سازش آهي.سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمينون مقامي بي زمين سنڌي ھارين کي ڏنيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ سان ناانصافي ۽ اڻ برابري جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان ٺهڻ شرط بيوروڪريسي ۾ پناهگيرن ۽ ٻين صوبن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏيئي ڌارين کي سنڌ مٿان مسلط ڪيو ويو. سنڌين کي پنهنجي جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي. وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ کي پنهنجي ڪوٽا کان 30 هزار نوڪريون گهٽ مليون آهن. هنن چيو ته پاڪستان کي جمهوري وفاقي ملڪ طور هلايو وڃي. نوڪرين ۾ سنڌي ماڻھن کي اوليت جي بنياد تي ڀرتي ڪيو وڃي. وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ جو حصو تمام گھٽ آهي. سنڌ جي زمينن جي نيلامي، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، پاڻي تي ڌاڙن ۽ هارين سان ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم خلاف 5 نومبر تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ طرفان ميرپورخاص ۾ احتجاجي ريلي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو