نيون تڪبنديون رد، سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو

نيون تڪبنديون رد، سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو

جوهي/ دادو (ن س) نيون تڪبنديون رد، ڊجيٽل آدمشماري تحت تڪبنديون سنڌ ورهائڻ جي سازش. سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪريو. گورک هل اسٽيشن ڪرپشن جي سپريم ڪورٽ جي ڪميشن وسيلي جاچ ڪئي وڃي. ڪاڇي جي زمينن تي والار بند ڪئي وڃي. عوامي تحريڪ طرفان اڄ 22 آڪٽوبر تي جوهي ۾ هاري ڪانفنرس ۽ ريلي جون تياريون مڪمل. ڪانفرنس ۾ دادو، جوهي ۽ آس پاس جي ڳوٺن مان سوين ماڻھو شرڪت ڪندا. عورتن جو جو وڏو شريڪ ٿيندو. ڪانفرنس لاءِ مخلتف سياسي سماجي شخصيتن کي دعوتون پڻ ڏنيون ويون. خبر موجب زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، ڊجيٽل آدمشماري، گورک هل اسٽيشن تي اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ نه ٿيڻ، دادو ضلعي ۽ ڪاڇي جي زمينن تي والار، ٻوڏ متاثرن جي بحالي نه ٿيڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ 22 آڪٽوبر تي جوهي ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ شينهن رند جي ياد ۾ ڏهاڙو ۽ سنڌي هاري تحريڪ ضلعي دادو جو ڪنوينشن پروگرام ڪيو ويندو. پروگرام جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار،مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، حُورالنساءُ پليجو، ستاررند، ماہ نور ملاح، سڀاني ڏاهري، ايڊوڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، شيخ جمال برهماڻي، لعل بخش بروهي پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت گورک هل اسٽيشن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪري گورک جي تاريخي ثقافتي ماڳ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي. 9 سالن ۾ 23 ارب گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي تي خرچ باوجود گورک تباهي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. سال 2022ع جي ٻوڏ کي سال کان مٿي ٿي ويو آهي پر هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهي ناهن ڏنا ويا. ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ مليل امداد پيپلز پارٽي جي وڏيرن جي اوطاقن تي خرچ ٿئي پئي. هنن چيو ته سنڌ سميت دادو ۽ ڪاڇي جي لکين ايڪڙ زمين تي زرعي انقلاب جي گمراھ ڪندڙ نعري جي نالي ۾ قبضا گيرن حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. اڄ 22 آڪٽوبر تي جوهي ۾ ڪانفرنس ۽ ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو