اوٻاوڙو (ن س )اوٻاوڙو جي عدالت ريتي ٿاڻي جي 6 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،عدالت ۾ ايڊووڪيٽ محمد ايوب ملڪ جي گهر تي ريتي پوليس جي چڙهائي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي،عدالت ايس ايڇ او ريتي رمضان ميراڻي، اي ايس آئيز فضل لغاري ۽ شاهنواز لغاري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو،عدالت ايس آءِ ڳوڌو جوڻو، ٻن اهلڪارن حق نواز چانڊيو ۽ محرم خلاف به ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.










