جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال،خورشيد شاهه جي شرڪت
سکر (ن س )سکر يونين آف جرنلسٽس پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي. اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، سيد فرخ شاهه، سليم ڪلوڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.