بيجنگ (اسٽاف رپورٽر) نگران سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي چائنا ريلوي ڪنسٽريڪشن ڪارپوريشن (سي آر سي سي) تعمير ڪندي. اھو فيصلو نگران وڏي وزير مقبول باقر ۽ چائنا ريلوي ڪنسٽريڪشن ڪارپوريشن (سي آر سي سي) جي صدر مسٽر لي سماڪي ۽ نائب صدر REN GUANGJIE سان ملاقات دوران بيجنگ ۾ سي آر سي سي ھيڊڪوارٽر ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. اجلاس ۾ سي آر سي سي نائب صدر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت ۽ اسان جي چائنيز ڪمپني سي آر سي سي سان گڏجي ڪي سي آر جي فزيبلٽي روپورٽ تيار ڪئي، جنھن ڪري چائنيز عملدار ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي بڻائيندي. نگران وڏي وزير چيو تھ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ ۾ 2016ع دوران شامل ڪيو ويو ھو، سي پيڪ جي جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) جي 29 ڊسمبر 2016 واري اجلاس ۾ ڪي سي آر کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو. ھن وڌيڪ چيو تھ 2017ع ۾ڪيل فزيبلٽي جي بنياد تي سندھ حڪومتان رٿا جي پي سي ون ايڪنڪ کان منظور ڪرائي، ان وقت ڪي سي آر جي ڪل لاڳت 1.97 بلين ڊالرز ھئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ 2013 ۾ سي پيڪ اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ھو تھ چائنا ريلوي اٿارٽي کي ڪي سي آر بابت نئين فزيبلٽي جي ضرورت آھي ۽ سنڌ حڪومت چيني فرم سي آر سي سي جي سھڪار سان گڏجي ٻيھر فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي جنھن مطابق ڪي سي آر 2.002 بلين ڊالرز جي لاڳت سان تعمير ٿيندي. پلاننگ ڪميشن ذريعي چائنا ريلوي اٿارٽي کي پيش ڪيل فزيبلٽي اسٽڊي بابت اپ ڊيٽ ڪيو ويو آھي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو تھ ڪي سي آر جو سرڪيولر روٽ اٽڪل 43 ڪلوميٽر (27 ميل) تي پکڙيل آھي، جنھن ۾ ڪي سي آر ڪراچي شھر جي مختلف منظرنامي بشمول صنعتي زون، تجارتي ۽ رھائشي علائقن کي جوڙيندو. ڪراچي سرڪلر ريلوي سٽي اسٽيشن، لانڍي، ملير، ڊرگ روڊ ۽ اورنگي جھڙن اھم ھنڌن کي ڪور ڪندو. ڪي سي آر جي تعمير سان روڊن تي ٽريفڪ جي چرپر جو ھڪ قابل اعتماد متبادل ٿيندو. ڪي سي آر بڻجڻ سان ٽريفڪ جي رڇ کي گھٽ ڪرڻ ۽ فضائي گدلاڻ کي منھن ڏيڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ٿيندو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو تھ چيني معيار تي ٻڌل ھاڻوڪي فزيبلٽي اسٽڊي مطابق ڪي سي آر رٿا جي لاڳت 2.002 بلين ڊالرز بڻجي ٿي. ڪراچي سرڪلر ريلو جون 24 اسٽيشز بڻايون وينديون ۽ روزانو 650000 مسافر سفر ڪندا. نگران وڏي وزير ۽ سي آر سي سي نائب صدر فيصلو ڪيو تھ سنڌ حڪومت ڪي سي آر جي روٽ واري ايراضي حل ڪندي. نگران وڏي وزير چيو تھ ڪي سي آر جي ايراضيءَ جا مسئلا اٽڪل حل ڪيا ويا آھن ۽ ڪي سي آر پروجيڪٽ جي ساويرن گارنٽيءَ جا مسئلا بھ حل ٿي ويندا. ان تي سي آر سي سي نائب صدر چيو تھ پوءِ ڪي سي آر پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ پلاننگ شروع ڪئي وڃي.










