خيرپور (ن س)خيرپور پوليس سان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو روهڙي صالح پٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو،ڳوٺ خان محمد ناپر واسي عبدالوحيد ناپر جي وارثن پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو وارثن جو چوڻ آهي ته ٺيڙهي جي ميمڻ برادري جي ماڻهن نوجوان کي 2 ڏينهن اڳ قتل ڪرڻ بعد لاش پوليس حوالي ڪيو، پوليس جو مقابلو ڪوڙو آهي نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، پوليس ميمڻ برادري جي ماڻهن سان ملي ظالم ڪيو آهي










