شھدادڪوٽ: (ن س) قمبر شهدادڪوٽ ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروايون جاري آهي جنهن دوران بجلي چورن ۽ سيپڪو وچ ۾ منهن ماري ٿي جنهن کان پوءِ اهي هٿين پئجي ويا. جنهن دوران واپڊا جو ايس ڊي او عزير پٺاڻ زخمي ٿي پيو.ان حوالي سان ڪمبوهه برادري ٻڌايو آهي ته بجلي جي بلن بهاني سان ايس ڊي او واپڊ اسان جي گهرن ۾ داخل ٿيو، جنهن تي ايس ڊي او واپڊا سان منهن ماري دوران جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ايس ڊي او واپڊا جا ڪپڙا پڻ ڦاٽي پيا. شهدادڪوٽ پوليس ايڪشن ٿاڻي تي 3 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.










