سيرت النبي ڪانفرنس ۾ خراج پيش، ڪتاب پڙهڻ تي زور

سيرت النبي ڪانفرنس ۾ خراج پيش، ڪتاب پڙهڻ تي زور

لاڙڪاڻو(پريس رليز) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ سيرت النبي صلي الله عليه والي وسلم ڪانفرنس، استادن ۽ شاگردن پاران مضمون، مقالا، نعتون، قواليون، آرٽ، ڪلچرل ۽ فلسفي سان لاڳاپيل مختلف صنفن مطابق حضورت صه جي سيرت متعلق علم ڏيڻ جي ڪوشش ۽ حضور صه کي خراج تحسين پيش، سيرت النبي صه تي سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب پڙهڻ تي زور.ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو جي پي آر او عاطف رفيق سمون مطابق سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو طرفان هر سال جيان حضور اڪرم صلي الله عليه والي وسلم جي سيرت بابت ڪئمپس جي جي آڊيٽوريم هال ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ڪئي. جنهن ۾ناليواري اديب پروفيسر ڄام جمالي، ڊاڪٽر اياز ميتلو، ڊاڪٽر نديم ڪناسرو، حسين علي ڪنڀر، عبدالله شيخ، وزير علي تنيو، مس حنا شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيارو پيغمبر اعليٰ اخلاق جو مالڪ ۽ مظلومن کي ظلم کان نجات ڏياريندڙ ۽ انسانن کي خدا پرست ۽ انسان پرست بڻايو، جاهلن کي علم ڏنو، پاڻ ۾ اختلاف ڪندڙ ماڻهن کي رحم ڪرڻ وارو بڻايو، پاڻ ڪريم صه دعوت ۽ تبليغ سان گڏ محنت، تجارت ۽ بازار ۾ ڏيڻ وٺڻ جي تعليم ڏني ۽ پوري زندگي انسان مرد هجي يا عورت، ننڊو هجي وڏو، دوست هجي يا دشمن، مسلم هجي يا غير مسلم سڀني لاءِ مال، جان، عزت ۽ آبرو جو ميدان جنگ تائين به حفاظت ڪرڻ جا سبق ڏنا. هن چيو ته پاڻ سڳورن پوري زندگي ۾ عدل، انصاف، مساوات ۽ رواداري جو بنا فرق جي علم ڏنو، پاڻ سڳورن صه ڪمزورن، مجبورن، معذورن، غلامن، بيمارين، ٻارن ۽ عورتن جي حقن جو به ضابطا اخلاق ڏنو. هن چيو ته سيرت النبي صه لامحدود آهي، جنهن جي پڄاڻ ناهي. هن چيو ته حضور صه دين اسلام تلوار ذريعي نه پر پيار محبت ذريعي ڦهلايو، اسان جي نبي هميشه پنهنجو دفاع ڪيو، ڪڏهن به اڳرائي ڪري ڪابه جنگ نه ڪئي اٿن هميشه پنهنجي بچاءُ خاطر جنگيون وڙهيا. ان کان اڳ ڪانفرنس ۾ انگلش ڊپارمينٽ پارٽ ون جي اميد علي جتوئي قرآن پاڪ جي تلاوت، عادل چانڊيو، اقرا، اقصيٰ، عضميٰ سانگي، جميلا، اميد نعت مقبول، مدثر علي، سيف الله بليدي، يسريٰ ميمڻ، منور خاتون تقريرون ڪري حضور اڪرم صه سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو. جڏهن ته بي بي اي پارٽ ون جي شاگرد عادل چانڊيو ۽ ايم اي جي حسيب ڀٽي قوالي پيش ڪئي. جڏهن ته ڪانفرنس جا ڪوآرڊينيٽر علي مصطفيٰ شيخ ۽ مس شگفتا هئا ۽ اسٽيج ڊيڪوريشن ۾ وقار آدم ۽ آفتاب کوسو تعاون ڪيو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سائرا تنيو ۽ سهانا شيخ ڏنا. آخر ۾ مضمون، مقالا، نعتون، قواليون، آرٽ، ڪلچرل ۽ فلسفي سان لاڳاپيل مختلف صنفون پيش ڪندڙن کي مڃتا سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو