حيدر آباد (اسٽاف رپورٽر) هڪ سماجي تنظيم آئي آر ايم ۽ برٽش ايشين ٽرسٽ جي گڏيل سهڪار سان 257 سکياحاصل ڪندڙ عورتن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب 28 سيپٽمبر 2023 تي حيدرآباد ۾ ٿي گذري. هي سرگرمي عورتن کي معاشي طور مستحقم بڻائڻ واري منصوبي جي تحت ٿي گذري. هن پروگرام ۾ سول سوسائٽي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن شرڪت ڪئي.جن ۾ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، وومين چيمبر آف ڪامرس، ڊبليو ايڇ ايڇ، سافڪو ، ايف آر ڊي پي ۽ سنڌ يونيورسٽي نمايا آهن.مهمانن سکيا وٺندڙ عورتن کي همٿايو ۽ آئي آر ايم جي اثرائتي ڪم جي تعريف پڻ ڪئي. تقريب ۾ سکيا وٺندڙ عورتن پنهنجي هنري شين جي اسٽال ذريعي نمائش پڻ ڪئي. جنهن جي تمام شرڪت ڪندڙن واکاڻ ڪئي.










