جهانگير روڊ مارٽن ڪوارٽر جي جاءِ تي نوان اپارٽمينٽ ٺاهڻ جو فيصلو

جهانگير روڊ مارٽن ڪوارٽر جي جاءِ تي نوان اپارٽمينٽ ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي جهانگير روڊ، جمشيد ۽ مارٽن ڪوارٽرز جي جاءِ تي نوان اپارٽمينٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي جهانگير روڊ، جمشيد، ڪليٽن ۽ مارٽن ڪوارٽر بابت بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير پراڻي ڪوارٽرز جي جاءِ تي شهري بحالي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته نئين رهائشي منصوبي سان شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو. سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ ڪوارٽرن بدران اپارٽمنٽ ٺاهڻ جي فزيبلٽي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. نون اپارٽمنٽس، شاپنگ مالز ۽ تعليم ۽ صحت جي سهولتن سان ڪوارٽرز تبديل ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو