نازيه چنا جو موت ناڪارا حڪومتي نظام هجڻ جو هڪ ثبوت آهي

نازيه چنا جو موت ناڪارا حڪومتي نظام هجڻ جو هڪ ثبوت آهي

حيدرآباد (ن س ) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، مرڪزي سينئر نائب صدر عمرہ سمون، مرڪزي پريس سيڪريٽري سنڌو فاطمہ ۽ مرڪزي اڳواڻ مروبت هاليپوٽو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي تہ نازيا چنا جو موت ناڪارہ حڪومتي نظام هجڻ جو هڪ ثبوت آهي. نازيا چنا سان گينگ ريپ ڪندڙن ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان اڄ 27 سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ بک ھڙتال ڪئي ويندي. اڳواڻن چيو آھي تہ هر قسم جي ڏوھ ۾ ملوث جوابدارن کي رياست جي پٺڀرائي هئڻ ڪري ڏينهون ڏينهن جرم، بدماشيون وڌنديون پيون وڃن ۽ نياڻين جي عزت محفوظ ناهي رهي. واره ۾ مهينو اڳ 5 وهشين نازيا چنا سان گينگ ريپ ڪيو پر حڪومتي نظام کان ويندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تائين ڪنهن بہ ڪو تحرڪ نہ ورتو. ايها سڌي سنئين وحشين جي رياست طرفان پٺڀرائي آهي. ساڳئي ملڪ ۾ جيڪڏھن ڪو بک جو ستايل ٻارڙو ڪنهن دڪان تان هڪ ڊبل روٽي چورائيندي پڪڙجي ٿو پوي تہ سڄي رياستي مشينري تحرڪ ۾ اچي ٿي وڃي ۽ اهو ٻارڙو هڪ ڪلاڪ اندر لاڪپ بہ ڪيو وڃي ٿو پر هتي هڪ 13 سالن جي نياڻي سان گينگ ريپ جو ڪو داد فرياد، ڪا تحقيق، ڪو نوٽيس نٿو ورتو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي تہ نازيا چنا جي ريپسٽ قاتلن ۽ انھن جي سرپرست سردارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ سان گڏ انھن پوليس آفيسرن کي بہ گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃ جن نياڻي سان انصاف ۾ دير ڪري قاتلن جي وھشي زناخورن جي سرپرستي ڪئي ۽ اڃا بہ ڪري رھيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو