ڪراڇي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شهيد عثمان غني جي يوم شهادت تي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد عثمان غني جي 28 هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو شهيد عثمان غني قائد عوام جو حامي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو سچو سپاهي هو شهيد عثمان غني سڄي زندگي پورهيتن جي حقن ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي شهيد عثمان غني جو عزم، جدوجهد ۽ قرباني پارٽي لاءِ فخر ۽ قابل تعريف آهي مزدورن سميت پٺتي پيل طبقن جي جدوجهد پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيدن جو ورثو آهي شهيدن جي قربانين کي ضايع نه ٿيڻ ڏينداسين، سندن نامڪمل مشن کي پورو ڪري مري وينداسين










