ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ رينجرز ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ گودامن ۾ رکيل هڪ ارب رپين جي کنڊ هٿ ڪري ورتي.سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب ڪارروائي دوران هٿ آيل کنڊ جا 140 هزار بوري ضبط ڪيا ويا آهن.اسلام نگر جي علائقي بلديا ۾ کنڊ جي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران ڪارروائي ڪئي وئي.ڪارروائي دوران حب ريور روڊ تي واقع 2 مختلف گودامن ۾ رکيل کنڊ جي وڏي مقدار هٿ ڪئي وئي.سنڌ رينجرز جي ترجمان چيو آهي ته ذخيرو ٿيل کنڊ جا 140 هزار ٿيلها هٿ ڪيا ويا آهن، ضبط ڪيل کنڊ جي ماليت هڪ ارب رپين کان وڌيڪ آهي.ذخيرو ٿيل کنڊ مبينا طور تي بلوچستان ذريعي افغانستان موڪلي ويندي هئي.هٿ آيل کنڊ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ سنڌ رينجرز حوالي ڪري ڇڏي آهي.










