ڪراچي مان هڪ مهينو اڳ اغوا ڪيل 3 پورھيت بازياب

ڪراچي مان هڪ مهينو اڳ اغوا ڪيل 3 پورھيت بازياب

فيض گنج: (ن س) ھڪ مھينو اڳ ڪراچي مان اغوا ڪيل 3 پورھيت رات دير سان بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن.ھڪ مھينو اڳ ڪراچي جي نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ فيض گنج جي ڳوٺ کنڊوخان شر واسي راشد شر، قرب علي شر ۽ ڳوٺ ننگر خان شر واسي سادات شر کي ڪراچي جمالي پل ڀرسان نامعلوم ماڻھو اغوا ڪري ويا ھيا. نوجوانن جي بازيابي لا سندن وارثن، سياسي سماجي ڌرين پاران لڳاتار احتجاج ڪري پڪاچانگ ۾ احتجاجي ڪيپ ٺاھي سخت احتجاج ڪيو ويو هيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو