ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 121 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.ڪراچي پوليس موجب ڪورنگي جي مختلف علائقن مان 45 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اوڀر ضلعي مان 18، اولهه ضلعي مان 34، ملير ضلعي مان 14 جڏهن ته سٽي پوليس 9 افغانين کي گرفتار ڪيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن مان 121 افغانين کي گرفتار ڪري پرڏيهي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته افغان شهرين مان شڪي ماڻهن جا ڪرمنل رڪارڊ به حاصل ڪيا پيا وڃن.ٻئي طرف رينجرز به حب چيڪ پوسٽ تي اسنيپ چيڪنگ دوران غير قانوني ڀرتين خلاف ڪارروايون ڪندي 41 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٿيلن مان 25 افغان شناختي ڪارڊن جو مدو پورو ٿي چڪو هو، جڏهن ته 16 ڄڻن جا شناختي دستاويز پيش نه ٿي سگهيا آهن.










