ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ  شيڊول جو اعلان ڪري،ڀڃڻ وارا ناهيون

ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪري،ڀڃڻ وارا ناهيون

ملير(ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن ۾ دير جو سوال اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کان پڇيو وڃي، پيپلزپارٽي 14 مئي تي به پنجاب ۾ چونڊن لاءِ تيار هئي، هاڻي به چئون ٿا ته اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪيو وڃي،پ پ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا فنڊز روڪڻ جي مذمت ڪيون ٿا،ملير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چئون ٿا ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي،بلاول چيو ته نيب جي ڪارروائين کان نه اڳ ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄنداسين، فيڪ نيوز ذريعي پ پ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، پ پ جي ڪنهن به اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نه ٿيو آهي،بلاول پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو کڻڻ بنا چيو ته جيڪي ماڻهو جيل پيا ڪاٽين انهن لاءِ مشورو آهي ته گهٻرائڻو ناهي، جيل ۾ توهان جي سياسي تربيت ٿي رهي آهي، اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ جيل ڪاٽيندڙ سياستدان آصف زرداري آهي،پ پ چيئرمين بلاول اڳوڻي ايم اين اي شير محمد بلوچ جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت به ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو