ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ جماعت اسلامي جو ڪائونسلر مارجي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب جهيڙو بجلي جي تارن جي لڳائڻ تي ٿيو، فائرنگ ڪندڙ گروپ بجلي چوري جي بدلي ۾ رقم وصول ڪندو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل حبيب الله جماعت اسلامي جو ڪائونسلر آهي.امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان به ڪارڪن جي شهادت کانپوءِ عباسي شهيد اسپتال پهتو.هن الزام لڳايو ته ڪنڊا مافيا پ پ جي سرپرستي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، واقعو حڪومت لاءِ شرمندگي جوڳو آهي.حافظ نعيم الرحمان گهرو وزير، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ٻئي طرف گوليمار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، واقعي خلاف علائقي جي رهواسين گارڊن کان پاڪ ڪالوني ويندڙ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.










