ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي ميئر ڪراچي مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته اهي ڪير آهن جيڪي پراڻي آدمشماري تي اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن؟ شرم اچي ٿو انهن ماڻهن تي جيڪي تڪ بندين کان سواءِ اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن.هنن جو چوڻ آهي ته آدمشماري جي حوالي سان تڪ بندين کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊون هڪ ڏينهن جي به دير نه ٿيڻ گهرجن، اسان به چئون ٿا ته چونڊن ۾ دير نه ڪئي وڃي.مصطفيٰ ڪمال مطالبو ڪيو ته تڪبندين جو عمل تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مردم شماري عملو نه ويو آهي، 73 لک ماڻهن جي ڳڻپ کانسواءِ ئي مردم شماري جو عمل مڪمل ڪيو پيو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪومت هجڻ باوجود پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون، جڏهن پنجاب ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو ويو ته هن جمهوريت کي ياد ڇو نه ڪيو ويو، هن جمهوري عمل جو پهريون قدم مڪاني حڪومتون آهن.مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، دهشتگردي کانپوءِ سڀ کان وڏو نقصان بجلي چوري جو آهي، جيڪو بجلي چوري ڪري رهيو آهي ان کي پڪڙي نه پيو وڃي.پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ۾ گٽرن جا ڍير ناهن، گٽرن ۾ ڪري ٻارڙا مري رهيا آهن، جن سنڌ تي 15 سال حڪومت ڪئي انهن کي شرم اچڻ گهرجي، سنڌ جي وڏي شهر ۾ گٽرن جا ڍير ناهن. مصطفيٰ ڪمال سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ پنهنجي ڪارڪنن کي کاتن ۾ نوڪرين تي رکيو آهي، جن 15 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪئي اهي وري اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هن شهر جو پاڻي چوري ڪري اسان کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، سياسي حڪومتن پنهنجا نظام ٺاهيا آهن، ايس بي سي اي ۽ ڪي ڊي اي جو نظام ٽوڙيو پيو وڃي.










