ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو، تفصيل موجب سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مدرسہ اشرفيا واري علائقي ۾ ھٿياربندن شھري نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مذاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري عديل شاهه نالي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اطلاع کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو