بدامني خلاف ڌرڻو،آزاد ٿيل مغوي جدوجهد جو نتيجو قرار

بدامني خلاف ڌرڻو،آزاد ٿيل مغوي جدوجهد جو نتيجو قرار

حيدرآباد (ن س ) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان قاسم آباد ۾ مھراڻ سينٽر کان ريلي ڪڍي نسيم نگر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. جنھن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمرہ سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، عوامي تحريڪ ضلعي حيدر آباد جي صدر سرمد راڄپر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فاضل کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شاھين خاصخيلي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڄام تماچي، ڪبير ڀيل، پرديپ گلاب، ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، اصغر ملڪ، سليم ٻڌ، الطاف راهوجي، ايڊووڪيٽ اشوڪ، هاشم راڄپر، لياقت ميمڻ، علي رضا جلباڻي، سميع ابڙو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ٿاڻن تي پاٿاريون__ بند ڪريو. ڌاڙيل پالڻ_ بند ڪريو. چور پالڻ_ بند ڪريو..پريا ڪماري خاطر_ جھيڙو آ. ساگر ڪمار خاطر_ جھيڙو آ. نازيا خاطر_ جھيڙو آ. پنھنجن پيارن خاطر_ جھيڙو آ. مراد شاه جواب ڏي _ ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏي. آءِ جي سنڌ جواب ڏي _ ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏي. انوارالحق ڪاڪڙ جواب ڏي_ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏي. ڪامران ٽسوري جواب ڏي _ ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏي. جسٽس مقبول باقر جواب ڏي _ ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏي. سيڪيورٽي جي نالي ۾ ملڪ جي ڀينگ ڪندڙئو جواب ڏيو_ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏيو. سيڪيورٽي جي نالي ۾ کربين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪندڙئو جواب ڏيو_ ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏيو. سيڪيورٽي ادارئو جواب ڏيو_ڌاڙيلن تائين پهتل پرڏيهي هٿيارن جو حصاب ڏيو. ايس ايس پي امجد شيخ جواب ڏي _بازياب ڪرايل مغوين جا اغوا ڪندڙ ظاهر ڪري ڏي. ڌاڙيل ڪلچر نامنظور. اغواخوري نامنظور . جا نعرا ھنيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ جڳديش، منير نائچ ۽ نينگر جئہ ديپ آزادي سنڌي عوام جي گڏيل جدوجھد جو نتيجو آھي، سنڌ جو عوام اھو پڇڻ جو حق رکي ٿو تہ انھن مغوين کي ڪهڙن ڌاڙيلن کان آزاد ڪرايو ويو، اھي ڌاڙيل ۽ انھن جا سرپرست قانون جي پڪڙ کان ڇو آجا آھن؟ علائقي واسي ڄاڻين ٿا تہ مغوي پوليس وارثن کان ڀنگ وٺي ڌاڙيلن وٽان آزاد ڪرايا آھن. پوليس کي ان سوال جو جواب ڏيڻو پوندو تہ مغوين کي آزاد ڪرائڻ وقت مقابلي دوران ڪيترا ڌاڙيل مئا يا گرفتار ڪيا ويا؟ پوليس جي گاڏي ۾ مغوي رات جو سردار شبير بجاراڻي جي اوطاق تي ڪنھن ۽ ڪيئن پهچايا؟ اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ ڌاڙيلن جي سرپرستن ۽ انھن کي پرڏيھ مان اسمگل ٿيل ھٿيار پھچائيندڙن کي قانون جي پڪڙڻ ۾ آڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن جي سربراھي ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڌاڙيل ۽ انھن جي سرپرست سردارن ۽ ڪامورن کي عوام اڳيان وائکو ڪري انھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو