ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز اڄ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن ٽريفڪ پوليس جي شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي احمد نواز چيما ٽريفڪ پوليس رينج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته 9077 منظور ٿيل پوسٽون آهن جڏهن ته 5557 اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته شهر ۾ 153 ٽريفڪ سگنل آهن، جن مان 86 ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جي انتظام هيٺ آهن، 65 ڪنٽونمينٽ بورڊ ۽ 2 سي اي اي جي مينجمينٽ جي تحت ڪم ڪندا آهن، ان کان علاوه ٽريفڪ هيلپ لائن 1915 جيڪي 24 ڪلاڪ شهرين جي خدمت ۾ حاضر هوندا آهن. هن چيو ته ٽريفڪ پوليس وٽ 438 باڊي وورن ڪيمرائون آهن جنهن جي مدد سان احتسابي عمل ۾ مدد ملندي آهي. ڊي آءِ جي ٽريفڪ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڄاڻايل باڊي وورن ڪيمرائون ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي شرٽس جي فرنٽ سائڊ جي طرف لڳايا ويندا آهن جيڪي مستقبل ريڪارڊنگ موڊ تي رهندا آهن، جڏهن ته سيف سٽي اي اين پي آر ڪيمرائن جو پروجيڪٽ جي جلد شروعات ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته اي اين پي آر منصوبي تحت ڪراچي ۾ 26 هنڌن تي ڪئميرائون لڳايون وينديون. ان موقعي تي نگران گهرو وزير هدايت ڪئي ته ڪارساز کان ايئرپورٽ تائين شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪل سوارن لاءِ الڳ ٽريڪ جو ماڊل پروجيڪٽ شروع ڪيو وڃي ۽ شهر جي عمارتن ۾ ڪمرشل پارڪنگ جي غلط استعمال جي حوالي سان هڪ جامع سروي رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ پارڪنگ ايريا جي سار سنڀال جي حوالي سان جلد کان جلد سفارشون پيش ڪيون وڃن. نگران گهرو وزير هدايت ڪئي ته ٽريفڪ پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار شهرين سان عزت ۽ احترام کي يقيني بڻائين، ان موقعي تي گهرو وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي آفيس ۾ قائم پوليس ايف ايم 8806 جي آفيس جو پڻ دورو ڪيو ۽ مقرر ڪيل عملي پوليس اهلڪارن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي.










