ٺٽو(ن س)ٺٽي ۾ ڪينجهر ڍنڍ ويجهو ٽرڪ ۽ پڪ اپ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.ڪينجهر ڍنڍ ڀرسان مڇيءَ جي تلاءَ مان مڇي کڻي ويندڙ ماهيگيرن جي پڪ اپ قومي شاهراهه تي ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. زخمين کي امدادي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال ٺٽو پهچايو ويو، جتي 3 زخمي فوت ٿي ويا. اسپتال ذريعن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻين ماڻهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.










