ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رينيو نه ڪيو وڃي : ڪامران ٽيسوري

ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رينيو نه ڪيو وڃي : ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري وفاقي حڪومت کان ڪي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اور ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي رينيو نه ڪئي وڃي خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته آرمي چيف پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته معاشي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين آرمي چيف آئي ٽي سيڪٽر ۽ زرعي سيڪٽر ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي ۽ يقيني بڻايو ته سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿئي هن چيو ته بجلي مهانگي ٿيڻ وڏو الميو آهي گهر ڪريان ٿو ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رينيو نه ڪيو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ڪي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اور ڪري گورنر ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلافن جي تصديق ڪندي چيو ته چئن ڀائرن ۾ به اختلاف ٿي ويندا آهن مان ايم ڪيوا يم جي ٽن ڌڙن کي گڏ ڪيو هن ٻڌايو ته شهبازشريف سان رابطي ۾ آهيان جيڪو بگاڙ پي ٽي آئي چيئرمين ڪيو ان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو