ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي ۽ ڊاڪٽر شاهد قريشيءَ جي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڪيو ويو.ان تقريب ڪوٺائڻ جو خاص مقصد گل حسن ڪلمتيءَ کي سانا پاران اعلان ڪيل ايوارڊ ۽ گل حسن لاءِ سانا جي ڪنوينشن ۾ گڏ ڪيل رقم جو چيڪ گل حسن ڪلمتيءَ جي نياڻي ماهين ڪلمتي کي پيش ڪرڻو هو.ڊاڪٽر هاليپوٽي، اهو ايوارڊ ۽ رقم ماهين کي پيش ڪندي، گل حسن ڪلمتيءَ جي قلمي ۽ علمي پورهئي تي کيس زبردست خراج پيش ڪندي چيو ته گل حسن ڪلمتي سنڌ سان پيار ڪندڙ ۽ پنهنجي اندر ۾ سنڌ لاءِ درد رکندڙ محقق ۽ عالم هو، جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ٻيٽن، جهونن آثارن، ثقافتي ماڳن جا دورا ڪري انهن تي ڪتاب لکيا ۽ سنڌ بابت اسان کي اها ڄاڻ پهچائي، جيڪا اسان جا وڏا وڏا ادارا به نه ڪري سگهيا.شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان اڃان تائين گل حسن ڪلمتي جي رهيل ڪم کي اڳتي آڻڻ ۽ ٿيل ڪم تي تحقيق لاءِ ڪي قدم نه کڻي سگهيا آهيون. گل حسن ڪلمتيءَ جي نالي تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ چيئر قائم ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هُو هن يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو ۽ هن جو گهڻو تڻو ڪم ڪراچي شهر جي تاريخ، ماڳن، ٻيٽن ۽ شخصيتن تي ٿيل آهي.ان موقعي تي ڊاڪٽر شاهد قريشي، ڊاڪٽر عبدالغفور، ڊاڪٽر ساجده پروين ۽ عبدالرسول بلوچ پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.










