ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي سينيٽر نثار کهڙي چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي ملاقات ۾ خدشن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي.ڪراچي جي بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته نگران وزيراعظم سان ملاقات ڪري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، رپورٽون آهن ته ترقياتي ڪمن جا فنڊ منجمد ڪيا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعظم پ پ وفد کي يقين ڏياريو آهي ته ترقياتي منصوبا بند نه ڪيا ويندا.پيپلز پارٽي جي سينيٽر اهو به چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ کي ملاقات ۾ بدلين ۽ مقررين بابت سندس تحفظات کان آگاهه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.نثار کهڙي چيو ته نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي قتل جي واقعن کان آگاهه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته لياري مان عثمان هنڱورو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي جڏهن ته لياري مان اسان جو ايم پي اي علي محمد هنڱورو هو.پ پ سينيٽر چيو ته سياست ۾ اسان جو طريقو عوام جي نمائندگي ڪرڻ آهي، ملڪ ۾ جلد عام چونڊون ٿينديون، هو اعلان ڪندا ته اهي چونڊون ڪڏهن ٿينديون.










