حيدرآباد ( ن س )عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي صدر لال جروار جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو ھائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، بوگس ۽ فراڊي آدمشماري، ڌاڙيل راڄ خلاف سڄي سنڌ ۾ ڀرپور تحريڪ هلائيندي. شروعاتي مرحلي ۾ پھرين سيپٽمبر 2023ع تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ڪانفرنس ڪئي ويندي. جنھن ۾ اديب، شاعر، ساڃاھ وند، صحافي، وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا. ٺٽي شھر ۾ 17 سيپٽمبر تي ھزارين ماڻھن جي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. سجاول شھر ۾ 22 سيپٽمبر تي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي ۽ بدين شھر ۾ 15 آڪٽوبر تي احتجاجي ريلي ڪڍي ھزارين ماڻھن جو جلسي عام ڪيو ويندو. ٺٽي شھر جي ريلي جي تياري جي سلسلي ۾ 25 آگسٽ تي ضلعي ٺٽي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس رکيو ويو. جڏھن تہ 8_9 ۽ 10 سيپٽمبر تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، علي محمد ڪلمتي ۽ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ٽي ڏينھن ضلعي ٺٽي جو دورو ڪندا. سجاول ضلعي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 3 سيپٽمبر تي رکيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ سنڌ سان درپيش اھم مسئلن ۽ پيپلز پارٽي حڪومت جي سنڌ دشمن عملن خلاف ھزارين ھينڊ بل سڄي سنڌ ۾ ورھايا ويندا. عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ گلزار کونھارو جي چاليھي جو جلسي عام 3 سيپٽمبر تي نصير آباد لڳ سندس اباڻي ڳوٺ موندر لاکا ۾ ٿيندو. جنھن ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ستار رند، عاطف ملاح ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا. عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 2 سيپٽمبر تي ۽ عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس لاڙڪاڻي شھر ۾ 3 سيپٽمبر تي رکيو ويو آھي. جڏھن تہ ٽن ڏينھن جو تعليمي ۽ تربيتي ورڪشاپ 10،11، ۽ 12 نومبر تي حيدرآباد لڳ پٻڻ شريف ۾ رکيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو تہ نگران حڪومت 90 ڏينھن جي آئيني مدي ۾ چونڊون ڪرائي واپس گھر هلي وڃي. معاشي بحران ۽ تڪبندين جو جواز ڄاڻائي چونڊن ۾ دير بابت آئين ۾ ڪا به گنجائش موجود ناهي. 90 ڏينھن کان پوءِ نگران حڪومت غير آئيني ۽ ناجائز حڪومت هوندي. پي ڊي ايم سرڪار پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري سان سنڌ جي زمينن کي تين وال ڪرڻ جي ناپاڪ سازش رٿي آهي. پيپلز پارٽي هڪڙي طرف ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري سنڌ جي آبادي گھٽ ڏيکاري سنڌين کي دائمي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي ته ٻئي طرف سنڌ جي زمينن جي نيلامي وسيلي سنڌين کي بي وطن ڪري ملڪيت، وسيلا، ماڳ ۽ پاڻي غنيمت جو مال سمجهي وڪڻي سنڌ جي تباهي جو مڪمل بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ کي هٿرادو بدامني ۽ رياست جي سرپرستي هيٺ ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪري امن امان کي مڪمل تباھ ڪيو ويو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تہ ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور اقتدا ۾ سنڌ ۾ بدامني، ڪرپشن، ادارن کي تباھ ڪرڻ، پاڻي تي ڌاڙي، زمينن جي وڪري کان ويندي تاريخي ماڳن ۽ سامونڊي ٻيٽن جي نيلامي جا سنڌ دشمن فيصلا ڪيا. هن وقت به سنڌ مٿان پيپلز پارٽي جي دور اقتدار جا ڪيل ڪهري فيصلا تلوار جيان لٽڪيل آهن.










