ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي) جي 21 گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مقرر ڪري ڇڏيو آهي.نئين انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ رفعت مختار جي مقرري کانپوءِ سندس اعزاز ۾ هڪ تعارفي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 6 اعليٰ آفيسرن شرڪت نه ڪئي.آءِ جي سنڌ رفعت مختار تعارفي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پوليس هيڊ آفيس پهتو ته کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ان موقعي تي 6 اعليٰ آفيسر حاضر نه ٿيا.اجلاس ۾ جن سينيئر آفيسرن شرڪت نه ڪئي انهن ۾ ڪراچي پوليس چيف جاويد، ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس، عالم اوڍو، منير شيخ، قادر قيوم، مظفر شيخ ۽ فرحت جوڻيجو شامل آهن.نئون آءِ جي سنڌ رفعت مختار سنڌ جي گريڊ 21 جي سمورن 7 آفيسرن کان جونيئر آهي، ان جو تعلق پوليس سروس جي 24هين ڪمانڊ سان آهي. سنڌ پوليس ۾ رڳو هڪ آفيسر خادم حسين رند بلوچ آهي، جيڪو نئين آءِ جي رفعت مختار جي گروپ مان آهي، پر هو ان کان به هڪ رتبو مٿي آهي.










