ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ناصر شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مٿان کان نالو ناهي ايندو،سنڌ جي وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راڻا انصار وچ ۾ ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اڄوڪي ملاقات ۾ ڪيترن ئي معزز ۽ قابل اعتماد نالن تي غور ڪيو ويو.پ پ اڳواڻ اهو به چيو ته اميد آهي ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جو فيصلو سڀاڻي يوم آزادي تي ڪيو ويندو.










