لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل سلمان صفدر جو چوڻ آهي ته عمران خان کي 9 مئي جي 21 ڪيسن ۾ ضمانت ملي چڪي آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني خلاف 300 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ رڪارڊ پيش نه ڪرڻ سبب اڄ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، سلمان صفدر جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان عمران خان جي اپيلن تي فيصلو ڏيڻ جي درخواست آهي. پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي باني خلاف ضمانت لاءِ هاڻي صرف 8 ڪيس بچيا آهن.










