اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني تي ڪوڙا ڪيس آهن، کيس ڪالهه آزاد ٿيڻ گهرجي ها.پنهنجي بيان ۾ عمر ايوب چيو آهي ته حڪومت توشه خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل ۾ رکيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته 9 سيپٽمبر پارليامينٽ خلاف ڪارو ڏينهن آهي.عمر ايوب جو اهو به چوڻ آهي ته اي پي پي معاهدا پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي دور ۾ ٿيا.










