بي آءِ ايس پي هيلپ لائين 8171 آهي، ٻئي نمبر تان پيغام راڊ آهي

بي آءِ ايس پي هيلپ لائين 8171 آهي، ٻئي نمبر تان پيغام راڊ آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد فيصل آباد ۾ بي آءِ ايس پي ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر ۽ پيمينٽ ڪيمپ سائيٽ جو دورو ڪيو جتي هن رجسٽريشن ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ آيل عورتن کي خطاب ڪندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڪا به سروي فيس ناهي. 8171 بي آءِ ايس پي جو واحد سرڪاري نمبر آهي جنهن ذريعي عورتن کي پيغام موڪليا وڃن ٿا، ڪنهن ٻئي نمبر تان ڪو به پيغام فراڊ آهي ۽ رقم جي ڪٽائي يا ڪنهن به قسم جي ڪرپشن جي شڪايت درج ڪرائڻ لاءِ ايس پي هيلپ لائن نمبر 080026477 تي رابطو ڪريو. سينيٽر روبينا خالد چيو ته منهنجي فيصل آباد دوري جو مقصد عورتن جي مسئلن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. دوران سينيٽر روبينا خالد عورتن سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ بي آءِ ايس پي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي مسئلا فوري طور حل ڪن. عورتن مسئلا ٻڌڻ ۽ فوري قدم کڻڻ تي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد جو شڪريو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو