حيدرآباد (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 8 فيبروري 2024 تي ملڪ ۾ عام چونڊن جو ڏينهن آهي، تمام سياسي پارٽين وانگر پيپلزپارٽي به چونڊن جي شيڊول جو انتظار ڪري رهي آهي _ هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود تمام پارٽين مان پيپلزپارٽي جو ان ڳالهه تي وڌيڪ زور آهي ته چونڊون پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي ٿين پر ڪجهه سياسي پارٽيون چونڊن کان فرار ٿيڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن _ اھڙواظھارھن راول هائوس حيدرآباد راهوڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ٻين پارٽين ريڊ لائين طئي ڪري ڇڏي آهي ته اهي ٻين سان نه ڳالهائينديون_ ، پي پي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ڊي ايم جي تخليق پيپلزپارٽي ڪئي بعد ۾ پي پي پي کي سائيڊ لائين ڪيو ويو حالانڪه پي ڊي ايم ٺهڻ کان اڳ ڪجهه پارٽين جا اڳواڻ ٽي وي تي به نه ايندا هئا _ هن چيو ته سياسي پارٽيون عوام ۾ وڃڻ کان خوف ۾ هيون سندن ڪجهه اڳواڻ ملڪ کان ٻاهر هئا _ هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري پي ڊي ايم ٺاهي کين ٻيهر پنهنجي سياست ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو _ اڳوڻي وزير اطلاعات چيو ته پي ڊي ايم ۾ جهيڙو ان ڪري ٿيو جو باقي پارٽيون چئي رهيون هيون ته اسيمبلي مان استعيفائون ڏئي ڇڏيو پر جيڪڏهن ان وقت استعيفائون ڏنيون وڃن ها ته عمران خان پنهنجا پنج سال مڪمل ڪري ها ۽ ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب هجن ها ان ڪري پي پي پي استعيفائون ڏيڻ کان منع ڪئي ۽ جمهوري طريقي تحت عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي پي ٽي آئي جي چيئرمين کي اقتدار کان بي دخل ڪيو _ هڪ سوال تي هن چيو ته پي ايم ايل اين جي ليڊر شپ ڪجهه عملدارن کي هٽائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ لسٽ موڪلي جن کي هٽائڻو آهي هٽائي ڇڏيو اسانکي ڪو به فرق نٿو پوي ڇاڪاڻ ته اسان عوام جي طاقت کي ئي پنهنجي طاقت سمجهندا آهيون ۽ پي پي پي جي ليڊر شپ ڪڏهن ملڪ مان فرار نه هئي بلڪه ملڪ ۾ رهندي صورتحال جو مقابلو ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ملڪ ڇڏي هليا ويا ۽ چيو ويو ته ان ڪري اچي نٿا سگهون جو سندن جان کي خطرو آهي پر اهي وري واپس آيا _ هڪ سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سياسي پارٽي سان جهيڙو نه آهي _ پي پي پي غربت جي خاتمي لاءِ پيغام ڏئي رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو ٻڌائي رهيو آهي ته اسان وٽ غربت جي خاتمي جو پلان آهي _ هن چيو ته پي پي پي پنهنجي دور اقتدار ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن _ ٿرڪول پاڪستان جو سڀ کان وڏو منصوبو پي پي پي ڏنو آهي پر ن ليگ حڪومت ٿرڪول پروجيڪٽ کي ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سندن موجب پي پي پي جي حڪومت پاران سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ 14 هزار ٻوڏ متاثرن کي گهر اڏي ڏنا ويا آهن جڏهن ته دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو پي پي پي شروع ڪيو _ اڳوڻي وزير چيو ته ٻوڏ ۾ ماڻهن جا گهر تباهه ٿيا ۽ ماڻهن رستن تي هئا پي پي پي انهن ماڻهن جو ساٿ ڏنو ۽ کين سهارو ڏنو جڏهن ته سياسي پارٽين عوام جي ترقي لاءِ ڪو به پروگرام ترتيب نه ڏنو فقط ڳالهيون ڪيون _ هن چيو ته اسانجا اختلاف ڪنهن پارٽي سان نه آهن بلڪه مخصوص شخصيت سان آهي _ عمران خان 9 مئي جي واقعن جو ذميوار آهي جڏهن هو اقتدار ۾ هو ته ڪنهن آمر کان گهٽ نه هو _ هن چيو ته بشير ميمڻ هڪ رٽائرڊ پوليس آفيسر آهي ان کي سياست ڪا خبر نه آهي










