8 فيبروري حق، سچ جي فتح جو ڏينهن آهي

حيدرآباد)ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اميدوار جان محمد جوڻيجي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو. ايس ٽي پي اميدوار جان محمد جوڻيجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي ريٽرننگ آفيسر وٽ پھچي ھٿ کڻڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آھي. ايس ٽي پي اڳواڻ جان محمد جوڻيجي قاسم آباد تڪ تي اياز لطيف پليجو جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو آھي ترقي پسند پارٽي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد تي اياز لطيف پليجو جي ڀرپور اليڪشن مھم ھلائي کيس ڪامياب ڪيو ويندو ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي اڄ بہ ٻئي ڏينهن پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي تڪ ڀٽائي نگر، ماري گارڊن، ماري ٽائون، ڀٽائي ٽائون ۽ نسيم نگر چوڪ ۾ گھر گھر، دڪانن ۽ ريڙھن وارن وٽ وڃي ورڪ ڪيو، نامياري قانوندان ماما يوسف لغاري ڀٽائي نگر ۾ اياز لطيف پليجو سان گڏجي ورڪ ڪيو. قاسم آباد جي رھواسين زبردست موٽ اياز لطيف پليجي کي اجرڪن، لنگهين، سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا ۽ گلن جي ورکا ڪري کي ووٽ ڏيڻ ۽ حمايت جو خاطري ماروي ٽائون ۾ ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو تہ 8 فيبروري حق، سچ جي فتح جو ڏينهن آهي سنڌ جو باشعور غيرتمند عوام پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي کي بري شڪست ڏيندو ايندڙ سنڌ حڪومت جي ڊي اي جي ھوندي. پ پ جا اڳوڻا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي اڃا تائين سرڪاري گاڏين پروٽوڪول ۾ اليڪشن مھم ھلائي رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا ڪرپشن انصاف ۾ رڪاوٽ آھي. ملڪ جو غريب عوام، پورھيت، ھاري ۽ مزدور انصاف لاءِ سڀ کان پھرين پوليس وٽ وڃن ٿا پر اتي رشوت کانسواءِ ڪنھن جي فرياد بہ نٿي ورتي وڃي. سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي، جنھن ڪري جن وٽ پئسا ناھن، اھي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. ٻوڏ سبب سنڌ جا ماڻھو معاشي طور پٺتي پئجي ويا آھن. ٻوڏ سبب لکين متاثرن جا گھر ڊھي ويا. مال مري ويو ۽ فصل ٻڏي ويا. پ پ حڪومت ان متاثرن جي بحالي نہ ڪري سگھي آھي. ڊجيٽل آدمشماري ۾ انھن متاثرن جي ڳڻپ نہ ٿي سگھي. لکين ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي ھا تہ اھي معاشي طور پيرن تي بيھي وڃن ھا.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي سياسي مفادن لاءِ عالمي امدادي ادارن کي واھر کان روڪيو ۽ متاثرن جي بحالي بدران ماڻھن کي فقير بنايو. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ترقي ۾ باقي صوبن کان پوئتي رھجي وئي آھي. قبيلائي جھيڙا ۽ بدامني ناسور بنجي ويا آھن. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا اھي ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومتي وڏيرا ڏوھارين جا سرپرست بنيل آھن. منشيات جو زھر نوجوانن ۽ ٻارن کي تباھ ڪري رھيو آھي. سنڌ جا ماڻھو امداد جي آسري بدران پنھنجي پيرن تي بيھن، نوجوان ھنر سکن ۽ ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ اچي ڪاروبار ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا محنت ۽ ميرٽ وارن جي آھي. پ پ چاھي تہ ٿي ماڻھو سوال نه ڪن. محنت ۽ تعليم کان پري ھجن ۽ ووٽ ڏيڻ جي مشين ھجن. اھي فقير ھجن، خيرات جي آسري بنگلن جي اڳيان گھمندا رھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي اڃا وڌندي. حڪمرانن جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. ايندر اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن کي رد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو