8 فيبروري تي سنڌ سان گڏ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ سنڌ سان گڏ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين ،پهريون ڀيرو وزيراعظم، سنڌ جو وڏو وزير ۽ ڪراچي جو ميئر جيالو هوندو،ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام جي ساٿ سان وفاق ۽ صوبائي حڪومت ٺاهينداسين،هن چيو ته ڪراچي جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو لڳائڻو آهي،بلاول وڌيڪ چيو ته، ڪراچي جي هر ضلعي ۾ راندين جا بهترين ميدان ٺاهيا ويندا، اسان رڳو ڪراچي نه، پر سڄي پاڪستان جي قسمت تبديل ڪنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو