8 فيبروري تي سرپرائيز ڏيڻ جو اعلان،خان کي توبهه ڪرڻ گهرجي: بلاول

گهوٽڪي (ن س) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نامزدگي ڪاغذ کسيندڙن کي سڀ سڃاڻين ٿا، اسان 8 فيبروري تي وڏو سرپرائز ڏينداسين. گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي چونڊ مهم جاري آهي، عوام پ پ کي ووٽ ڏيندو، اسان سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪيا، شهيد بي بي جي ورسي تي 10 نڪاتي منشور پيش ڪيو آهي، موقعو مليو ته ان تي ضرور عمل ڪنداسين.هن چيو ته اسان تخت لاهور مان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن لاهور وٽ ٻيو به آپشن هجي، اسان نٿا چاهيون ته وري ڪو کيڏاري اچي ۽ ڪنهن بوزدار کي مڙهيو وڃي. سندس چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جي اڳ به مذمت ڪئي ۽ هاڻ به ڪيان ٿو پر ڇا پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي پنهنجي موقف کي تبديل ڪيو؟ سڀ کان اڳ عمران خان کي توبهه ڪرڻ گهرجي، تحريڪ انصاف کي پنهنجي قدمن تي معافي وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو